سنيتي ڪمار چيٽرجي

سنيتي ڪمار چيٽرجي

چيٽرجي سنيتي ڪمار

چيٽرجي، سنيتي ڪمار: ننڍي کنڊ جي مشهور ۽ معروف لسانياتي ماهر سنيتي ڪمار چيٽرجيءَ جو جنم، 26 نومبر 1890ع تي ٿيو. بنگالي ٻوليءَ تي ڪيل سندس تحقيقي ڪم جي حوالي سان سندس شمار ناميارن محققن ۾ ٿئي ٿو. هن ڪلڪتي يونيورسٽيءَ مان ايم. اي ڪئي. ان بعد 1921ع ۾ لنڊن يونيورسٽيءَ جي اسڪول آف اورينٽل اسٽڊيز (جيڪو هاڻي اسڪول آف اورينٽل اينڊ آفريڪن اسٽڊيز سڏجي ٿو.) ۾ اسڪالرشپ تي پڙهڻ ويو، جتان 20 جولاءِ 1921ع تي برٽش ميوزيم جي ’اورينٽل بوڪس اينڊ مينسڪرپٽ‘ جي ڄاڻو ڊاڪٽر بازنيٽ جي رهبريءَ ۾ ”بنگالي ٻوليءَ جي اصل نسل ۽ اوسر“ تي تحقيقي مقالو لکي، ڊي. لٽ (D. Lit) جي ڊگري حاصل ڪيائين. سندس هن ڪتاب جو پهريون ايڊيشن 1962ع ۾ ڪلڪتي يونيورسٽي پريس ۾ ڇپيو، جنهن کي ملڪ ۽ ملڪ کان ٻاهر وڏي پذيرائي حاصل ٿي. هن ڪتاب بابت جڳ مشهور ماهر لسانيات جارج ابراهيم گريئرسن لکيو آهي ته:
”پروفيسر چيٽرجيءَ جي هن ڪتاب لاءِ هندستان جي جديد ٻولين جي شاگردن کي صلاح ڏيندس ته اهو ڪتاب ضرور پڙهن. هن ڪتاب ۾ ڪيترن ئي سالن جي پورهئي جو ثمر موجود آهي، جيڪو پروفيسر چيٽرجيءَ جي محنتن جو نتيجو آهي.“
هن ڪتاب ۾ سنيتي ڪمار چيٽرجيءَ سنڌي ٻوليءَ لاءِ لکيو آهي ته: ”سنڌي ٻولي سنڌو ماٿر جي هيٺاهين علائقي ۽ ڪڇ ۾ ڳالهائي ويندي آهي ... ان جا پنج لهجا آهن. وچولي، سرائيڪي، لاڙي، ٿاريلي ۽ ڪڇي. سنڌي ٻولي عربي، فارسيءَ جي وڌايل الف بي واري رسم الخط ۾ لکي پئي وڃي ۽ واپاري ماڻهو (واڻيا) لُنڊا اکر به استعمال ڪن ٿا ته گرمکي، اڪثر ڪم ايندي آهي. سنڌي ٻوليءَ قديم خصوصيتون برقرار رکيون آهن، خاص طور سندس صرفيائي سرشتي ۾ شامل چار خاص آواز ته هندستان جي ڪنهن به دراوڙي، آريائي، ڪول ۽ سائنوتبتين ٻولين مان ڪنهن ۾ به ڪونهن ... سنڌيءَ ۽ پنجابيءَ ۾ ڪيتريون هڪجهڙايون موجود آهن .... وغيره“
سنيتي ڪمار چيٽرجي هندستان جي ٻولين ۽ ادب بابت وڏي تحقيق ڪئي ۽ هندستان جي ڀاشا وگيانيءَ (Linguist) طور شهرت رکي ٿو. چيٽرجي 1955ع ۾ قائم ٿيل هندستان جي ’مرڪزي لئنگئيج ڪميشن‘ جو ميمبر ٿيو ۽ 1956ع ۾ هند سرڪار جي سنسڪرت ڪميشن جو چيئرمئن به ٿيو. چيٽرجي ساهتيه اڪيڊميءَ جو چيئرمئن به رهيو، ڪلڪتي جي مشهور ايشياٽڪ سوسائٽيءَ جو صدر به ٿي رهيو. ان کان سواءِ انٽرنيشنل فونيٽڪ ائسوسيئيشن لنڊن جو به ڪجهه عرصي لاءِ صدر بڻيو. سنيتي ڪمار چيٽرجيءَ جي ڪتاب “The Origin & Development of Bengali” بابت لنڊن يونيورسٽيءَ جي سنسڪرت زبان جي پروفيسر آر. ايل. ٽرنر لکيو آهي ته: ”هن ڪتاب جو مون کي تمام گهڻو انتظار هو. هي ڪتاب منهنجي اميدن تي پورو لٿو آهي. هيءُ هڪ عمدو ڪارنامو آهي ۽ هن سان هند آريائي ٻولين جي اڀياس ۾ هڪ نئين باب جو اضافو ٿيو آهي.“
سنيتي ڪمار چيٽرجيءَ جو 1985ع ۾ ’انڊو ايشين ڪلچر‘ جرنل ۾ هڪ مضمون ڇپيو، جنهن جو عنوان هو: “An Early Arabic Version of Mahabharat Story from Sindh”، هن مضمون کي سنڌيءَ ۾ ترجمو سنڌي ٻوليءَ جي عالم ۽ لسانيات جي ماهر ڊاڪٽر لڇمڻ خوبچنداڻيءَ ترجمو ڪيو، جيڪو بمبئيءَ مان نڪرندڙ ’ڪهاڻي‘ رسالي ۾ ڇپرايو. ان مضمون ۾ ڊاڪٽر خوبچنداڻيءَ لکيو آهي ته: ”چيٽرجيءَ جي چوڻ مطابق 1026ع ۾ ابوالحسن مهاڀارت جو عربيءَ مان فارسيءَ ۾ ترجمو ڪيو هو، جيڪو دراصل ڪنهن قديم هندستاني ٻوليءَ ۾ ابو صالح جو لکيل هو. چيٽرجي دعويٰ ڪئي آهي ته ان ۾ ٻوليءَ جي صوتياتي نظام ۽ ان ۾ ڄاڻايل نالن وغيره مان بخوبي پتو پوي ٿو ته اها قديم زبان اصل ۾ سنڌي هئي.“ چيٽرجيءَ جي هن تحقيق تي جيرامداس دولترام وڌيڪ روشني وجهندي ظاهر ڪيو ته سنڌيءَ ۾ پراڻي ۾ پراڻو گرنٿ ’راجائن لاءِ سکيا‘ ڏسڻ ۾ اچي ٿو، جيڪو عيسوي سن کان ٽي صديون اڳ جو چيو وڃي ٿو.
ڊاڪٽر سنيتي ڪمار چيٽرجيءَ، سنڌي ٻوليءَ سان گهري دلچسپيءَ جو اظهار، سنڌي ٻوليءَ جي هڪ ٻئي عالم ۽ ماهر لسانيات ڪشنچند جيٽليءَ ڏانهن لکيل هڪ خط ۾ به ڪيو هو، جيڪو هن جيٽلي صاحب جي هنديءَ ۾ ڇپيل ڪتاب ’سنڌي ڀاشا ڪا سمپڪشت پريچيه‘ پڙهڻ کان پوءِ کيس لکيو هو، جنهن ۾ هن سنڌي ٻوليءَ کي ننڍي کنڊ جي هڪ اهم ۽ هڪ قديم ٻوليءَ طور تسليم ڪيو آهي.“


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1890.11.26  عيسوي

ننڍي کنڊ جي مشهور ۽ معروف لسانياتي ماهر سنيتي ڪمار چيٽرجيءَ جو جنم، 26 نومبر 1890ع تي ٿيو.


1921.07.20  عيسوي

20 جولاءِ 1921ع تي برٽش ميوزيم جي ’اورينٽل بوڪس اينڊ مينسڪرپٽ‘ جي ڄاڻو ڊاڪٽر بازنيٽ جي رهبريءَ ۾ ”بنگالي ٻوليءَ جي اصل نسل ۽ اوسر“ تي تحقيقي مقالو لکي، ڊي. لٽ (D. Lit) جي ڊگري حاصل ڪيائين.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهاڻي بخشل
آءِ ايڇ عثماني ڊاڪٽر
حڪيم مولوي عبدالستار چنو
پنڊت موهن لال
اڪبر لغاري
ڄام علي شير سمو
عبدالرشيد لغاري
پاپائيت
حاجي خان خشڪ
پرشوتم ڀڳوانداس
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون